ميلبرن(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي 3 سالن جي وقفي کانپوءِ آخرڪار ٽيسٽ سينچري ٺاهي ورتي.ويرات ڪوهلي احمد آباد ۾ آسٽريليا خلاف 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي جيڪا سندس 28هين ٽيسٽ سينچري ۽ 75هين انٽرنيشنل سينچري آهي.چوٿين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريلوي ٽيم 480 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ ڀارتي بيٽسمينن به شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ شيبمان گل ۽ ويرات ڪوهلي شاندار سينچريون اسڪور ڪيون.










