ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست نه ٺهندي، بلاول

ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست نه ٺهندي، بلاول

اسلام آباد (اياز مهر) سياسي يتيم ۽ سليڪٽڊ حڪومت گهٻرائجي وئي آهي ، ڪٺ پتلي راڄ لڏي چڪو آهي. ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست قائم نه ٿيندي. نئون سال سليڪٽڊ حڪومت جي خاتمي ۽ چونڊن جو سال آهي. اهڙو اظهار بلاول ڀٽو زرداري لياقت باغ پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ٻارهين ورسي کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندي موجوده حڪومت تي ڀرپور تنقيد ڪندي چيو ته هي هر شعبي ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.

پي پي پي جي هڪ جيالي جو نرالو انداز

هن چيو ته راولپنڊي جو عوام شاهد آهي ته شهيد ڀٽو  ٽٽل ملڪ کي جوڙيو، 90 هزار جنگي قيدي واپس آندا، ملڪ کي پهريون اسلامي ۽ جمهوري آئين ڏنو، اسلامي دنيا کي گڏ ڪيو ۽ هو ڪشميرين جو آواز بڻيو. راولپنڊي شاهد آهي ته سندس نياڻي هن جو  سفر جاري رکيو، دهشتگردن، انتهاپسندن ۽ آمرن جو مقابلو ڪيو ۽ 30 سال عوام جي حقن لاءِ جنگ ڪئي. هن چيو ته زرداري صاحب تي ڪوڙا ڪيس ٺاهي 12 سال قيد ۾ رکيو ۽ هڪڙو الزام ثابت نه ڪري سگهيا.

پيپلز پارٽي 12 سالن بعد لياقت باغ ۾ پاور شو جو مظاهرو ڪيو

بي بي شهيد هميشه طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي هئي 2007 ۾ هن جاءِ تي آخري جلسو ڪيو جنهن بعد کيس بم حملي ۾ شهيد ڪيو ويو. بلاول چيو ته پارليمان کي تالو آهي، ميڊيا تي پابندي آهي، عوام جو جيئڻ جنجال آهي، بي روزگاري وڌي وئي آهي ۽ هن نا اهل حڪومت 8 لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ مان خارج ڪري سندن معاشي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته ڀٽو شهيد آهي ته ضياءَ الحق آهي، بينظير شهيد آهي ته آمر مشرف آهي، مان راولپنڊي وارن سان واعدو ٿو ڪريان جمهوريت آزاد ڪرائيندس، طاقت جو سرچشمو عوام کي ٺاهي ڏيکاريندس ۽ عوام جي ووٽ جو تحفط ڪندس. ان موقعي تي آصف علي زرداري جو ويڊيو پيغام هلايو ويو جيڪو هن بيماري جي حالت ۾ بيڊ تان رڪارڊ ڪرايو هو. جنهن ۾ هن چيو ته اڄ بلاول اتي موجود آهي جتي ڀٽو ۽  بينظير کي شهيد ڪيو ويو هو.

سجاول مان آيل ٽن فوٽن جو جيالو غلام مصطفيٰ جسڪاڻي

جلسي ۾ شرڪت لاءِ قافلا ڪالهه کان پهچڻ شروع ٿي ويا هئا. سڄي ملڪ، گلگت ۽ ڪشمير مان به پي پي ڪارڪن آيل هئا. جلسي کي سيد نيئر بخاري، يوسف رضا گيلاني، راجه پرويز اشرف، سيد مراد علي شاهه، رضا رباني، چوڌري منظور، قائم علي شاهه، نثار کهڙو ۽ ٻين به خطاب ڪيو. پيپلز پارٽي راولپنڊي ۾ پنهنجو ڀرپور پاور شو جو مظاهرو ڪيو ۽ مبصرن موجب پنجاب ۾ پي پي جي ٻيهر جيارڻ واري مهم جي هي شروعات هئي. جلسي ۾ سنڌ ڪابينا جا اڪثر ميمبر ۽ اڳواڻ به موجود هئا. سيڪورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. 2000 جي لڳ ڀڳ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. جلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار رستا ٺاهيا ويا هئا جتي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا. جلسه گاهه ۾ آس پاس روڊ رستن تي پيپلز پارٽي جي جهنڊن ۽ بينرن سان سجايو ويو هو. ياد رهي ته 27 ڊسمبر 2007 تي لياقت باغ ۾ جلسي بعد حملي ۾ کيس شهيد ڪيو ويو هو. سندس قتل ڪيس جي جاچ اڳ ۾ پنجاب پوليس ۽ بعد ۾ ايف آءِ اي ڪئي هئي. پرويز مشرف سندس قتل ڪيس ۾ عدالت مفرور ڄاڻائيندي چيو هو ته جڏهن به هو وطن واپس اچي ته کيس گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو وڃي. سندس ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو جاري ڪيل پيغام ۾ چيو هو ته بينظير ڀٽو آمريت کي شڪست ڏيندڙ بهادر ليڊر هئي ۽ عوام سندس خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريندو.

20 سالن کان پي پي جلسن ۾ بيجز، جهنڊا ٽوپيون وڪڻندڙ عبدالستار

هن چيو ته بينظير وفاق پاڪستان جي مضبوط زنجير هئي جنهن کي دشمنن ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر آصف علي زرداري سندس شهادت بعد پاڪستان کپي جو نعرو هڻي سندن ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا هئا. ياد رهي ته 12 سالن بعد پيپلز پارٽي لياقت باغ ۾ وڏو جلسو ڪري “پنڊي وارن” کي پيغام اهم پيغام ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو