ڪوسٽل هاءِ وي تي مسافر بس ڪلٽي،9 ماڻهو فوت، 31 زخمي

ڪوسٽل هاءِ وي تي مسافر بس ڪلٽي،9 ماڻهو فوت، 31 زخمي

حب (ويب ڊيسڪ) ڪوسٽل هاءِ وي تي مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو فوت ۽ 31 زخمي ٿي پيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر لسبيلا مطابق حادثي جو شڪار بس اورماڙه مان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ وٽ کڏي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار 7 ماڻهو فوت جڏهن ته 31 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز، ليويز ۽ نيوي جون ريسڪيو ٽيمون واقعي واري جڳهه تي پهچي ويون آهن ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن لاشن ۽ زخمين کي اورماڙه جي پي اين ايس اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو