ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان جي بقا لاء پاڪ فوج سول حڪومت اهم ڪردار ادا ڪن پيا اهم اجلاس به ٿي رهيا آهن ، جڏهن ته 23 مارچ تي مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سياسي پارٽين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد مان سمجهان ٿو ته اسلام آباد سميت سڄو ملڪ بلاڪ به ٿي سگهي ٿي ، بهرحال پاڪستان هن وقت نه صرف پنهنجن پر ٻين ملڪن سان به سياسي جنگ وڙهي رهيو آهي اندرون پاڪستان جا سياسي وار پاڪستان کي نقصان ئي ڏيئي سگهن ٿا مان عرض ڪندس ته اهڙي سياست کان پاسو ڪيو وڃي ، سياسي جنگ جو طبل وڄي چڪو آهي هڪ ٻئي مٿان سياسي حمله ٿي رهيا آهن ، ڇا ٿيندو في الحال ڪو تجزيو به نه ٿو ڪري سگهي هڪ طرف سياستدان آهن جيڪي اسان جي قومي ڏينهن کي به سياسي رنگ ۾ تبديل ڪري رهيا آهن جڏهن ته 23 مارچ هڪ تاريخي ڏينهن آهي ڪيترن سالن کان پوء ڪئي ملڪن جا سربرهان پاڪستان اچي رهيا آهن ، پر مولنا فضل الرحمان صاحب گهڻو جذباتي ٿي ويو آهي جڏهن ته 23 مارچ گذري پوء به دنگل سجي سگهن ٿا پر آخر ايتري جلد بازي ڇو ڪنهن جو اشارو آهي ، سوال ته جنم وٺندا برحال جيڪڏهن مسئلو صرف ان جو آهي ته هو فنا به ٿي سگهي ٿي ، جيڪڏهن مسئلو صرف ڪپتان کي هتائڻ جو آهي ته پوء به پاڪستان مان مهنگائي ته گهٽ نه ٿيندي ، ان ڪري ملڪ جي ترقي لاء هوش سان سوچي سمجهي ، پلاننگ ڪرڻي پوندي جيئن پاڪستان اڳتي وڌي سگهي ، جڏهن ته پاڪ آرمي اداري کي پڻ سياست ۾ ڌڪڻ جي ڪوشس ڪئي وئي پر سلام پيش ڪندس چيف آف آرمي قمر جاويد باجوه جنهن بهترين ڪردار ادا پئي ڪيو آهي سول حڪومت سان گڏ بيٺي آهي ، ان ڪري هو به ملڪي صورت حال تي نظر رکي رهيا آهن ، اجلا جاري آهن فيصلا به اسان جي اڳيان آهن منهنجي نظر ۾ پاڪستان سيڪيوئر آهي ، پر سياستدان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي آهي پاڪستان ۾ ڪنهن وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ان ڪري بهتر اهو آهي ته ڪپتان صاحب پاڪستان م صرف عوام جي ابتي کل لاهڻ م وڏو تجربو رکي ٿو ، قائد آصف علي زرداري جي بهترين ڳالهه ته هي رانديگر آهي هن کي ٿي سگهي ٿو راند جي خبر هجي پر ملڪ هلائڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي ، مان سمجهان ٿو ته اها ڳالهه 200 فيصد سچي آهي ، جهڙي ريت پسند بار بار عوام سان ڪيل واعدن تان ڦري وڃي ٿو وري يوٽرن حاصل ڪري چوي ٿو ته مان ائين ڪڏهن چيو آهي ، ان ڪري هاڻ ڪپتان کي انا کي ڇڏي خير سان گهر وڃڻ لاء ٽپڙ ڳول ڪري بني گالا بهترين گهر اٿس اتي بسترا به اٿس ته رلهي به اٿس آرام ڪري ، مان هڪ تجزيه نگار آهيان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻ ملڪ ۾ ڇا ٿيندو ان ڪري بهتر پئي سمجهيو ته ڪپتان صاحب گهر هلي ، هن وقت عوام مهنگائي ڪري ڪپتان کي ڏسڻ به نه ٿو چاهي ، ان ڪري بهتر اٿس ته هو گهر وڃي آرام ڪري هڪ عمر وڏي ، ٻيو حڪومت نه هلائڻ اچي ٻيو جلسن م جزباتي ٿي پيو سياستدانن کي گهٽ وڌ ڳالهائي اهو به سمجهه ۾ نه ٿو اچي جڏهن ته ڪپتان صاحب پنهنجي دوستن ساٿين سان ملاقاتون به ڪيون آهن سڀنن کي اهو پيو چوي ته گهٻرانا نهين پر هاڻ پاڻ گهٻرائي به ٿو ڳڻتي به اٿس ، ته الائي ڇا ٿيندو ، ڪري سگهي ٿو وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي بابت ڪا پريشاني ناهي ۽ صورتحال اطمينان جوڳي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي ڪور ڪميٽي ۾ اعتماد ۾ ورتو ويو. وفاقي وزير اسد عمر اتحادي جماعتن سان رابطن، جڏهن ته صلاحڪار بابر اعواڻ قانوني نڪتن تي بريفنگ ڏني ۽ صوبائي صدرن پارٽي جي تنظيمن معاملن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي تڪڙ ناهي، حڪومت کي ڪو مسئلو ناهي، اتحادي گڏ ئي آهن، اسان جا نمبر پورا آهن، اسان جي ميمبرن کي ڪروڙين رپين جي آڇ ٿي، کين دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پئسو پهچائڻ جي آڇ ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي سان ڪا پريشاني ناهي، صورتحال اطمينان جوڳي آهي، اسان جون سموريون تياريون مڪمل آهن، مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا. ڪور ڪميٽي جارحاڻي پاليسي جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته ڪرپٽ ٽولي کي عوام اڳيان وائکو ڪيو ويندو، حڪمران جماعت سڄي ملڪ ۾ سياسي جلسا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم جي اٽارني جنرل سان به ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثمان خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عورتن جي لاءِ سينٽر ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي قومي اسيمبلي جو هنگامي اجلاس 21 مارچ تي طلب ڪرڻ ۽ 27 مارچ تي بي اعتمادي رٿ لاءِ ووٽنگ ٿيڻ جو امڪان آهي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد تي ووٽنگ 27 مارچ تي ٿيندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ جي تاريخ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ تي مشاورت مڪمل ڪئي وئي. ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسد عمر اتحادي پارٽين سان رابطن ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ قانوني نقطن تي بريفنگ ڏني. جڏهن ته صوبائي صدرن پارٽي جي تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني آهي. ذريعن موجب ڪور ڪميٽي عدم اعتماد بابت سمورا فيصلا وزيراعظم کي ڏئي ڇڏيا آهن. ڪور ڪميٽي ملڪي تاريخ جو وڏو اجلاس ڊي چوڪ تي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف پنهنجي جارحاڻي پاليسي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم اتحادين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اتحادي ڪٿي به نه پيا وڃن. اسان سان گڏ آهن ۽ اسان جون سموريون تياريون مڪمل آهن. ان حوالي سان سينيٽر فيصل جاويد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو آزادي مارچ 27 مارچ تي ٿيندو جنهن کي عمران خان تاريخي خطاب ڪندو. جڏهن ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ به 27 مارچ تي ٿيندي ، برحال مان عرض ڪندس ته پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان انهن جي دوستن کي جذباتي نه ٿيڻ گهرجي ، مقابلو ٿيندو پوء جيڪو ڪامياب ٿئي ، ام ڪري مايوس نه ٿيڻ گهرجي ، پر انا پرستي کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته شڪست ڪپتان کي به ملي سگهي ٿي ان ڪري ٿورو احتياط ضروري آهي ، برحال پاڪستان هن ڏکئي مرحلي مان به نڪري ويندو، zawarshah110@yahoo.com










