پشاور سانحي جي ذميوارن کي انجام تي پهچايو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

پشاور سانحي جي ذميوارن کي انجام تي پهچايو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پشاور پوليس لائنز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 255هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران شرڪت ڪندڙن کي موجوده ۽ پيدا ٿيندڙ خطرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.ڪور ڪمانڊرز پشاور پوليس لائنز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جڏهن ته ڪانفرنس دوران ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پوليس لائنز ڌماڪي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته غيراخلاقي ۽ بزدلاڻا عمل قوم جي عزم کي ڊاهڻ نه ٿا ڏئي سگهن. بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.هن چيو ته بزدلاڻيون ڪارروايون ڪنهن به دهشتگرد تنظيم لاءِ صفر برداشت نه ڪرڻ جو عزم مضبوط ڪن ٿيون.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگردي خلاف آپريشنز تي توجه جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف ڪارروايون پائيدار امن جي حاصلات تائين جاري رکڻ گهرجن.ڪانفرنس ۾ دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ ۽ انهن جي مدد ڪندڙ ميڪنزم بابت آپريشنز تي بريفنگ ڏني وئي.ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته فورم والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جو نوٽيس ورتو.آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس ورتو.ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو