اوڏيرولال(ن س) اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ دريا خان ڏاھري واسي ٻن پورهيتن جا لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب ڪوريجا برادري جا 2 نوجوان نظير ولد ٻڍو ڪوريجو ۽ ممتاز ولد سوڍو ڪوريجو کي کوسا برادري جا ماڻهو قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آئي، جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ جي ڪري مقتولن جي لاشن کي مٽياري کڻائي ويا.قتل ٿي ويل پورهيتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جا ٻئي نوجوان رات جو پاڻي جي واري تي ويا هئا، جن جا اڄ صبح جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ آيا آهن.ٻئي طرف اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ ڪوريجا ۽ کوسا برادري ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ کوسا برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿي ويو هو. اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.










