ڪورونا ٽيسٽ مفت ۾ ڪيا ويڪسين به مفت هئين ويندي،عذرا پيچوهو

ڪورونا ٽيسٽ مفت ۾ ڪيا ويڪسين به مفت هئين ويندي،عذرا پيچوهو

ڪراچي(رپورٽر)صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته ڪورونا ويڪسين جي خريداري ۾ وفاقي حڪومت رڪاوٽ  بڻيل آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته جهڙيءَ ريت ڪورونا ٽيسٽ سنڌ حڪومت مفت ڪيا اهڙيءَ طرح ويڪسين به مفت هئين ويندي پر ويڪسين بعد ماسڪ پوءِ به پاتو ويندو.هن چيو ته وفاقي حڪومت کان ڪورونا ويڪسين خريدڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت اجازت ڏئي ته اسان پنهنجن ماڻهن لاءِ پاڻ ئي ويڪسين خريد ڪيون.ڊاڪٽر عذره پيچوهو جو چوڻ هو ته پوري صوبي لاءِ هڪ ئي هنڌ ويڪسين نٿا خريد ڪري سگهون، هر مهيني ٿورو ٿورو خرچ ڪري گهرائينداسين، ويڪسين خانگي شعبي وٽان به خريد ڪري ماڻهن کي مفت هڻڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو