ڪورونا سبب سنڌ ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، 778 نوان ڪيس

ڪورونا سبب سنڌ ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، 778 نوان ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتين جو انگ 3830 تائين پهچي ويو آهي ۽ 11208 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 778 نوان ڪيس سامهون آيا. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته فوتين جو انگ 3830 تائين پهچي ويو آهي جيڪي فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 11208 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 778 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 7 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2598871 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 237308 ڪيسز ظاهر ٿيا جنهن ۾ 91 سيڪڙو يعني 215101 مريض پڻ صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 870 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 18377 مريضن جو علاج هلندڙ آهي جن مان 17407 گهرن ۾، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 958 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 869 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ جي خبر ڏني وئي جنهن مان 88 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان مطابق 778 نون ڪيسن مان 597 مريض ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 290، ضلع ڏکڻ 195، ضلع سينٽرل 68، ضلع ڪورنگي 17، ضلع ملير 15 ۽ ضلع اولهه 12 شامل آهن. حيدرآباد 41، ميرپورخاص 20، جيڪب آباد 12، شهيد بينظير آباد ۽ دادو 7-7، سانگهڙ 6، سکر ۽ ڄامشورو 5-5، بدين 4، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ گهوٽڪي 3-3، ڪشمور، شڪارپور ۽ سجاول 2-2، لاڙڪاڻو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو