سکر (ن سنڌ يار) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي ادارا کولڻ جو وقت اچي ويو آهي.سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شفقت محمود چيو ته ڪورونا سبب تعليم جو وڏو نقصان ٿيو. تعليمي ادارا کولڻ جو وقت اچي ويو آهي.پهرين فيبروري کان سڄي ملڪ ۾ پرائمري اسڪول ۽ يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل جي شروعات ٿي رهي آهي. پر اسان صورتحال جو جائزو به وٺندا رهنداسين. وزيراعظم جي سنڌ بابت بيان جي وضاحت ڪندي شفقت محمود چيو ته سنڌ اسان جو پنهنجو صوبو ۽ پاڪستان جو حصو آهي. اسان سنڌ سان محبت ۽ پيار ڪندا آهيون.سنڌ جي تاريخ ۽ ورثو تعريف جوڳو آهي. وزيراعظم جي چوڻ جو مقصد هو ته سنڌ ۾ اسان جي حڪومت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.










