اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 73 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، حيدرآباد ۾ هڪ وڌيڪ مريض فوت، دادو ۾ سول جج پرديپ ڪمار به ڪورونا شڪار، سول جج جو چيمبر سيل ڪري کيس گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 34 هزار 552 ٽيسٽ ڪيا ويا، 2 هزار 459 ڪيس مثبت آيا، 1614 مريض صحتياب ٿي ويا. ملڪ ۾ مجموعي طور ڪورونا متاثرن جو انگ 4 لک 43 هزار 246 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1260 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن بعد صوبي ۾ مجموعي طور انگ هڪ لک 96 هزار 962 ٿي ويو آهي.










