ڪورونا جو مريض سکر کان نوابشاهه پهچڻ تي گرفتار

ڪورونا جو مريض سکر کان نوابشاهه پهچڻ تي گرفتار

نواب شاھ (اي ڪي ڏاهري)ڪرونا وائرس جي متاثره شخص سکر کان نوابشاھ ڏانھن عوام ايڪسپريس ۾ سفر ڪري پھچڻ تي ضلعي انتظاميا ۾  ٿرٿلو پئجي ويو. متاثره شخص کي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ ھيلٿ ڊيپارٽمينٽ جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ پوليس جي وڏي نفري ريلوي اسٽيشن پهتي ۽ ايمبولينس ۾ سندس ساٿي ظهير احمد کي پڻ تحويل ۾ وٺي اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ٽرين ۾ سوار شخص نالي مير مرتضيٰ خاصخيلي ويٺل يونين ڪائونسل جھانگارا تعلقه سيھوڻ شريف جو رھواسي آهي جيڪو ڪافي عرصي کان اسلام آباد جي نجي ڪمپنين ۾ ملازمت ڪندو ھيو جنھن کي گذريل ھفتي ڪورونا وائرس جون علامتون ظاھر ٿيون ھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو