ڪوئٽه: ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئٽه ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ جو واقعو چڪن شاهواڻي جي علائقي ۾ پيش آيو.
انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ، انهي جا 3 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿڏي تي مارجي ويا.
ٻئي طرف افسوسناڪ واقعي جي خلاف وارثن باديني پل جي ڀرسان احتجاج ڪيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي جڏهن ته پوليس اختيارين وارثن کي هر ممڪن تعاون ۽ قانوني ڪارروائي جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي










