ڪوئٽا جي پشاور کي شڪست، افتخار جا وهاب کي لڳاتار 6 ڇڪا

ڪوئٽا جي پشاور کي شڪست، افتخار جا وهاب کي لڳاتار 6 ڇڪا

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 8 سيريز جي نمائشي ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز پشاور زلمي کي 3 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. 27 سالن بعد ڪوئٽا ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميچ دوران اسٽيڊيم جيم پيڪ هو، ٻار، نوجوان، پوڙها توڙي عورتون وڏي تعداد ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ آيا ۽ ڪوئٽا جي ٽيم کي ڀرپور سپورٽ ڪيو. پشاور زلمي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪوئٽا ميچ کٽڻ لاءِ 185 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. ڪپتان سرفراز 4 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر افتخار احمد جي شاندار 94 رنز ناٽ آئوٽ جي اننگ کيڏي ڪوئٽا کي سٺو سهارو ڏنو. افتخار آخري اوور ۾ وهاب رياض کي 6 بالن تي لڳاتار 6 ڇڪا هڻي رڪارڊ قائم ڪيو.

وڪيٽ جي هرطرف افتخار کيس ڇڪو هنيو. هن 41 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي پر آخري 9 بالن مان 7 تي هن ڇڪا هنيا ڪوئٽا جو اسڪور پنج وڪيٽن جي نقصان تي 184 تي پڄائي پنهنجو اسڪور 94 ناٽ آئوٽ ڪيو. خوشدل 36 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ميچ ڏسڻ لاءِ بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، جاويد ميانداد، محمد يوسف ۽ وزير تعليم ميرنصيب الله به موجود هئا. پشاور جي ڪپتان بابر اعظم ۽ حارث شروع ڪئي ابتدا ۾ تيز اسڪور ڪيو پر بابر جلد ئي 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، حارث ففٽي ته مڪمل ڪئي پر ميچ نه کٽائي سگهيو، شاهد آفريدي به بهتر شاٽس کيڏيا پر وڏو اسڪور نه ڪري سگهيو. پشاور 7 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنز ٺاهيون. آخري اوور ۾ 9 رنز گهربل هيون. آخري اوور جو پهريون بال نسيم شاهه وائيڊ ڪيو پر بعد ۾ 5 رنسون ڏنيون. 4 هزار پوليس اهلڪارن کي تعينات ڪيو ويو پر گنجائش کان وڌيڪ تماشائي اچڻ بعد انٽري گيٽ بند ڪيا ويا ته ٻاهر بيٺل نوجوانن هل هنگامون ڪيو جنهن سبب ميچ ڪجهه دير لاءِ روڪڻي پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو