ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ بم ڌماڪا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪوئيٽا ۾ اصفهاني روڊ تي ڌماڪي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ڊيرا الهيار جي ڀٽي ڦاٽڪ وٽ دستي بم حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،تربت شهر ۾ به دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو،جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبن ۾ امن جي خراب صورتحال بابت اليڪشن ڪميشن جو اڄ اهم اجلاس ٿيندو، نگران وفاقي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ٻنهي صوبن جا چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز ۽ انٽيليجنس ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ ٻنهي صوبن ۾ اليڪش جي موقعي تي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ورتي ويندي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، چونڊون دير سان ڪرائڻ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي










