ميرپورخاص (ن س ) ميرپورخاص جي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس محمد حسن (اڪبر) تي مشتمل ڊويزنل بينچ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو مڙھ سندس وارثن کان کسي بيحرمتي ڪري باھ ڏئي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٽن جوابدارن مولوي احمد شاھاڻي، عبدالغفار رانگڙ ۽ محبوب ساند پاران داخل ڪيل الڳ الڳ ضمانت جي درخواستن تي محفوظ ٿيل فيصلي ۾ مختصر فيصلو ٻڌائيندي معزز عدالت ٽنھي جوابدارن جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي مک جوابدار احمد شاھاڻي پاران وڪيل افضل ڪريم ورڪ، جوابدار عبدالغفار رانگڙ پاران وڪيل غلام مصطفىٰ چنا، جوابدار محبوب ساند پاران وڪيل نبي بخش ناريجو ۽ ڪيس جي فريادي محمد ابراھيم ڪنڀر پاران سپريم ڪورٽ جي وڪيل مير احمد منڱريو ۽ ايڊيشنل پروسيڪوٽر جنرل شھزادو سليم ناھيون جا دليل ٻڌڻ کان پو معزز عدالت فيصلو محفوظ ڪيو ھوـ واضح رھي ته توھين مذھب جي الزام ھيٺ آيل عمرڪوٽ واسي سينير ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي گذريل سال 18 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ پوليس ڪراچي جي لياري واري علائقي مان گرفتار ڪري ميرپورخاص پوليس جي حوالي ڪيو جنهن ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي 19 سيپٽمبر تي جڙتو پوليس مقابلي ۾ سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪري ڇڏيو ھوـ










