ڪنري ۾ 3 معصوم ٻارڙا پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيا، 2 فوت

ڪنري ۾ 3 معصوم ٻارڙا پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيا، 2 فوت

ڪنري (ن س) ڪنري ڀرسان ڳوٺ جمال خان لاشاري ۾ ٽي معصوم ٻارڙا پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي ويا ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته ھڪ ٻارڙي جي ڊاڪٽرن حياتي بچائي ورتي. ٻڏي فوت ٿيلن ۾ افشان ڌيءَ عادل لاشاري عمر 10سال. محمد عمر پٽ عادل لاشاري عمر 8 سال. بشرا ڌيءَ عبدالغفور. عمر 8 سال راند کيڏندي گھر ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيا ٻارڙن کي کڏ مان ڪڍي وارثن تعلقہ اسپتال ڪنري پھچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي فوت ٿيل ٻارڙن ۾ ڀاءُ ڀيڻ افشان ۽ محمد عمر ولد عادل لاشاري فوت ٿي ويا. جڏهن ته بشرا ڌيءَ عبدالغفور جي ڊاڪٽر حياتي بچائي ورتي. ڊاڪٽر ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي معصوم ٻارڙن جا مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيا معصوم ٻارڙن جا مڙه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏهن ته ڪنري سميت علائقي جو ماحول سوگوار بڻجي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو