ڪنري (ن س): ڪنري ويجهو ٻسٽان شاخ وٽ سڱاوتي تڪرار تان رٻاري برادري جي ماڻهن تي مبينا حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس ۽ مقامي ذريعن موجب ڪوٽ غلام محمد کان ايندڙ رٻاري برادري جي ماڻهن تي سندن ئي برادري جي ماڻهن مبينا طور حملو ڪيو. حملو ڪندڙن مبينا طور ڪهاڙين ۽ لٺين سان وار ڪري سريش رٻاري، مگھن، مولچند ۽ جيوو رٻاري کي زخمي ڪري ڇڏيو.زخمي ٿيلن کي علائقي واسين فوري طور کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري پهچايو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.زخمين جو چوڻ هو ته هو ٻي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهن مٿن حملو ڪيو.پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هڪ ڌر جي ماڻهن مبينا طور ٻي ڌر تي وچ رستي ۾ حملو ڪيو.اسپتال ذريعن موجب چئني زخمين جي حالت کي نظر ۾ رکندي کين وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو پيو وڃي.پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حملي ۾ ملوث جوابدارن بابت تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.










