‘ڪنا ياري’ بلوچي گيت واري ايوا بي مڱڻو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فيبروري 2022 ۾، پاڪستان جي پهرين حجابي ڳائڻي ايوا بي، جنهن ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جي بلوچي گاني ’ڪنا ياري‘ سان شهرت ماڻي هئي، تنهن مدثر قريشي سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي. ايوا بي پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ مڱڻي جي تصديق ڪئي ۽ تقريب جي وڊيو ۽ تصويرون پڻ شيئر ڪيون. ايوا بي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ مڱيندي بابت ڪجهه نه لکيو، پر هن منڊي ۽ مڱڻي جي ڪيڪ جون تصويرون شيئر ڪيون آهن. هن پنهنجي مڱيندي بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ۽ خيال آهي ته سندس مڱيندي جو تعلق شوبز يا ميوزڪ جي دنيا سان ناهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ساڻس هن جو تعلق پراڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو