ڪميٽين ۾ واپسي جو فيصلو خان  جي منظوري سان مشروط

ڪميٽين ۾ واپسي جو فيصلو خان جي منظوري سان مشروط

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (بي ٽي آءِ) جي پارلياماني قائمي ڪميٽين ۾ واپسي جي معاملي تي پارٽي جي سينيئر قيادت حتمي فيصلو پي ٽي آءِ باني عمران خان جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني سان ايندڙ ملاقات دوران قائمي ڪميٽين ۾ واپسي جي تجويز باقاعدي طور تي پيش ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ان حوالي سان حتمي فيصلو متوقع آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر قائمي ڪميٽين ۾ ٻيهر شموليت جا خواهشمند آهن، ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ميمبرن پارٽي اجلاس ڪندڙن، اپوزيشن ليڊر ۽ سينيئر قيادت جي اڳيان به ڪميٽين ۾ واپسي جي تجويز پيش ڪئي آهي.ذريعن موجب، پارٽي جي سينيئر قيادت ميمبرن کي آگاهه ڪيو آهي ته قائمي ڪميٽين ۾ واپسي يا بائيڪاٽ بابت حتمي فيصلو سندن اختيار ۾ ناهي، پر ان باري ۾ پي ٽي آءِ باني جي هدايت کانپوءِ ئي ڪو باضابطا فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو