ڪميشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت

ڪميشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران منحرف ميمبرن جي وڪيل چيو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ منحرف ميمبرن جون اپيلون غير موثر ٿي ويون آهن. سپريم ڪورٽ اختلافي ميمبرن جون درخواستون غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيون.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هاڻي پنجاب اسيمبلي جي بحالي جو معاملو ختم ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن بابت ڇا ڪري رهي آهي؟ اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن جي ڪالهه پنجاب جي گورنر سان ملاقات ٿي، پنجاب جي گورنر لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو چيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته قانون جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي گورنر يا اليڪشن ڪميشن؟ ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن جواب ڏنو ته گورنر کي قانوني رستو اختيار ڪرڻو پوندو.جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جو مشورو ڇو ڏئي رهي آهي؟ ڇا آئين اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کان اڳ گورنرن سان مشاورت ڪرڻ جو پابند بڻائي ٿو؟ چيف جسٽس چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي.ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ به حڪم نامي ۾ گورنر سان مشاورت لاءِ چيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو