اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي قرارداد جي روشني ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ مان منظور ڪيل قرارداد تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط موڪلي ڇڏيو،اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته توهان جي قرارداد جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صدر جي مشاورت سان 8 فيبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امن امان لاءِ نگران حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سپريم ڪورٽ ان عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، جڏهن ته گذريل عام چونڊن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊون سياري ۾ ٿيون، ان ڪري هن مرحلي تي اليڪشن ملتوي ڪرڻ مناسب نه آهي ۽ هن وقت عام چونڊون 2024 کي ملتوي نٿو ڪري سگهجي.










