ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي سرپرستي هيٺ يومِ آزادي ڪمشنر ڪپ گڏهه گاڏي ريس لياري جي عبدالمجيد کٽي ورتي، جڏهن ته ٻي پوزيشن پيرل ۽ ٽئين پوزيشن شاهجهان حاصل ڪئي. ريس جي پڄاڻيءَ تي ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ڪراچي پوليس چيف آزاد خان ۽ ڊي آءِ جي پي ٽريفڪ سيد پير محمد شاهه سان گڏجي خوبصورت ٽرافيون ۽ لکين رپين جا روڪ انعام ورهايا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر ڊاڪٽر عاطف جالب، اي سي جي وقاص عباسي، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جاويد نبي کوسو، ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي عبدالستار هڪڙو، اي سي اقرا جنت، ڊائريڪٽر اسپورٽس غلام محمد خان، ايس او اي جو خزانچي اصغر بلوچ، آرگنائيزر عبدالرزاق ۽ سوين ماڻهو، جن ۾ ڊي ڊي او عبدالنبي ڀٽو، علي گوهر، سامي نسيم، محمد اخلاق ۽ عمران ڪاٽيا به موجود هئا. ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪراچي پوليس چيف ريس جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني ۽ اعلان ڪيو ته هيءَ ريس هر سال باقاعدگيءَ سان منعقد ٿيندي رهندي. هنن اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو ريس ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن موقعي تي غلام محمد خان ’پاڪستان زنده باد‘ ۽ ’افواج پاڪستان زنده باد‘ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا شائقين کان لڳرائيندا رهيا، جڏهن ته يو بي ايل جي آفيسر ذوالفقار عباس خان پاڪستان جي سلامتي ۽ قوم جي ٻڌي لاءِ دعا ڪرائي. گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد جي ملازم دلاور عباس خان قومي ترانو پڙهي تقريب جي پڄاڻي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ۽ ڪراچي باسڪٽ بال ايسوسيئيشن جي صدر غلام عباس جمال چوڌريءَ جي طرفان خوش آمديد جا بينر پڻ لڳايا ويا هئا.










