ڪمشنر جا الزام رد، چونڊون شفاف ڪرايون: ڊي آر اوز

ڪمشنر جا الزام رد، چونڊون شفاف ڪرايون: ڊي آر اوز

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) روالپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه جي الزامن کان پوءِ ان جي انتظام هيٺ چونڊون ڪرائيندڙ سمورن ضلعن جي ڊپٽي ريٽرننگ آفيسرن(ڊي آر اوز) ڌانڌلي جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان چونڊون قائدن ۽ اليڪشن ايڪٽ جي تحت شفاف ۽ حلف جي تحت ڪرايون آهن، اسان جي مٿان ڪنهن جو به دٻاءُ نه هو.راولپنڊي ۾ لياقت علي چٺه جي الزامن کان پوءِ مقرر ٿيندڙ ڪمشنر راولپنڊي سيف انور جهپه، ڊي سي آفيس ۾ پنجن ضلعن جي ڊي آر اوز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس ۾ ڊي آر او او روالپنڊي حسن وقار چيمه، ڊي آر او چڪوال قرته العين، ڊي آر او اٽڪ رائو عاطف رضا به گڏ هئا. راولپنڊي جي نئين ڪمشنر سيف انور جهپه چيو ته ڊي آر او جهلم ڪيپٽن سميع به گڏ آهي مان روالپنڊي جي ڪمشنر جو چارج سنڀاليو آهي. چونڊن ۾ ڪمشنر جي ڪوآرڊينيشن کان علاوه ٻيو ڪوبه ڪردار نه آهي. سيف انور جهپه چيو ته عام چونڊون شفاف ٿيون آهن. اڳوڻي ڪمشنر جي الزامن جي ترديد ڪريون ٿا.ڊي آر او راولپنڊي حسن وقار چيمه چيو ته اسان چونڊون شفاف ڪرايون آهن. اسان سمورن الزامن جي ترديد ڪريون ٿا ۽ سمورن الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا. ڊي آر او اٽڪ رائو عاطف چيو ته اسان اٽڪ ۾ چونڊون شفاف ڪرايون آهن. اسان جي مٿان ڪوبه دٻاءُ نه هو.ڊي آر او جهلم ڪيپٽن سميع چيو ته ڊي آر او جهلم جي حيثيت سان اڳوڻي ڪمشنر جي الزامن جي ترديد ڪريان ٿو اسان جي مٿان ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هو. جهلم ۾ سمورين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي شفاف چونڊون ڪرايون آهن. ڊي آر او چڪوال قرات العين به الزامن جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته اسان اليڪشن ايڪٽ ۽ اليڪشن رولز تحت پولنگ ڪرائي آهي. اسان چڪوال ۾ سموريون چونڊون حلف جي پاسداري ڪندي ڪرايون آهن.هن مطالبو ڪيو ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر جي الزامن جي مڪمل جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن. ڊي آر او تله گنگ خاور بشير چيو ته اسان تله گنگ ۾ چونڊون صاف ۽ شفاف ڪرايون آهن. مطالبو ڪريون ٿا ته اڳوڻي ڪمشنر جي الزامن جي آزادانه جاچ ڪرائي وڃي.ڊي آر او چڪوال چيو ته اسان اليڪشن ايڪٽ جي تحت چونڊون ڪرايون آهن. اسان چڪوال ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي سموريون چونڊون حلف جي پاسداري ڪندي ڪرايون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو