اسلام آباد(بيورو رپورٽ)لاهور-اسلام آباد موٽر وي تي ڪلار ڪهاڙي ويجهو بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 24 زخمي ٿي پيا. موٽر وي پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل بس راولپنڊي کان لاهور وڃي رهي هئي.ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿيل مسافرن ۾ 3 عورتون ۽ 2 ٻارڙا شامل آهن، حادثو سالٽ رينج ۾ پيش آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر بس راولپنڊي کان لاهور وڃي رهي هئي ته حادثو سالٽ رينج وٽ پيش آيو.ڊپٽي ڪمشنر چکوال جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ٽراما سينٽر ڪلر ڪهر منتقل ڪيو ويو آهي.










