ڪشمير ۾ بـ جيالا راڄ قائم ٿيڻ وارو آھي

ڪشمير ۾ بـ جيالا راڄ قائم ٿيڻ وارو آھي

عبدالمجيد بروھي
ڪجھ سال اڳ جڏنھن پ پ پ جي جنم ڏينھن جو جسلو مظفر آباد ڪشمير ۾ رٿيل ھيو ان جي لاء پارٽي پاران عھديدار صاحبان کي ان جلسي ۾ شرڪت لاء پابند ڪيو ويو ھيو ان وقت آء پڻ پنھنجني جيالن دوستن عمر عزيزڇٽو ارشاد بروھي عبدالشڪور عرفان بروھي سان گڏجي مظفر آباد جي جلسي ۾ شرڪت لاء پنھنجي مدد پاڻ تحت نصيرآباد کان ڪشمير لاء نڪتاسين اسلام آباد ۾ ھڪ دوست وٽ ترسڻ بعد ڪوھ مري کان ڪجھ مفاصلي تي ڪراچي ۾ رھندڙ منھنجي دوست نثار اعواڻ جو ڳوٺ ھيو جيڪو مسلسل رابطي ۾ ھيو ۽ اسان کي مشورا ڏيندو رھيو تـ ڇو تـ اوھان ان رستي کان واقف نـ آھيو ان جي ڪري آرام آرام سان گاڏي ھلائجو رستو تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آھي ھن پنھنجي ڀاء ايثار اعواڻ جو نمبر پڻ ڏنو ھيو جيڪو پڻ اسان سان بار بار رابطي ۾ ھيو خير ڪافي سفر بعد نثاراعواڻ جي ڳوٺ وڃي پھتاسين سندس ڳوٺ ڪوھ مري ۽ڪشمير مين روڊ تي ئي واقع ھيو ان جي ڀاء اسان جو مانائتو آڌر ڀاء ڪيو اسان جي لاء ٻـ گھر خالي ڪرايا ويا ھيا اڌ رات تائين اسان جي انتظار ۾ جاڳندا رھيا ھنن اسان جي تمام سٺي مھمانوازي ڪئي ٻئي ڏينھن تي مظفر آباد ۾ جلسو رٿيل ھيو اسان صبح جو ناشتو ڪري آرامـ سان مظفر آباد لاء ان کان موڪلائي نڪتاسين پر ھن زور ڀريو تـ واپسي تي مون وٽان ٿي پوء وڃجو ان جي ڳوٺ کان ڪشمير مظفر آباد صرف 80 ڪلوميٽر پري ھيو اسان تقريبن جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ پھچي وياسين جتي اسان کي ضلع قمبر جي قيادت ۽ اسان جي تعلقي سٽي جا دوست پڻ ملي ويا جلسو شاندار ٿيو ان موقعي تي ڪشمير جي جي ھر گلي محلي ۾ پ پ پ جا جھنڊا لڳل ھيا جلسي بعد رھائش لاء ھوٽل جو ڪمرو ورتوسين ۽ رات جو جڏنھن اسان مظفرآباد بازار گھمڻ لاء نڪتاسين تـ دوران چانھ چي ھوٽل واري کان ريڙھي تي سرديء کان بچاء لاء گرم سوئٽر ۽ جيڪيٽ وڪرو ڪندڙن سميت ھر اتان جي مقامي ماڻھن کان اسان اھا ڄاڻ وٺندا رھياسين تـ اھي ڪھڙي پارٽي جا ووٽر ۽ سپورٽر آھن انھن ڪثريت جو چوڻ ھيو اسان سڀ ڪشميري ڀٽو شھيد جا شيدائي آھيون اسان کي آزاد ڪشمير ڏيارڻ وارو ڀٽو شھيد ھيو ھنن چيو تـ اسان اڄ بـ پ پ پ سان محبت ڪندڙن مان آھيون ڀٽو شھيد بعد ان جي لاڏلي ڌيء شھيد راڻي سان پڻ سچائي سان ساٿ ڏنوسين پ پ پ کان ڪجھ اتان جا نوجوان ضرور ناراض ھيا پر اھي پ پ پ جي خلاف نـ ھيا انھن جو چوڻ ھيو تـ اسان جا وڏڙا اڄ بـ ڀٽو جا ديوانا آھن اسان جي گھرن ۾ اڄ بـ ڀٽو صاحب ۽ شھيد راڻي جون تصيويرون لڳل آھن نوجوان پ پ پ کان ناراض ضرور ھيا پر پ پ پ خلاف نـ ھيا انھن ڏينھن بعدجڏنھن بـ ڪشمير ۾ عام اليڪشن ٿي آھي پ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيندا رھيا آھن پر اتي ڇو تـ لوٽا ڪريسي جو جھان وڏو آھي انھن مان ڪجھ سوڀ حاصل ڪندڙ ھوا جو رخ ڏسي پنھنجي وفاداري تبديل ڪري اقتداري ڌر جي جھولي ۾ وڃي ويھندا آھن گذريل اليڪشن ۾ پڻ ائين ٿيو ھيو پر دير آيد درست آيد ھن وقت ڪشمير ۾ پ پ پ وڏي اڪثريتي جماعت بڻجي چڪي آھي اھي سڀ جيڪي ڇڏي ڀڄي ويا ھيا اھي واپس پنھنجي پارٽي ۾ اچي ويا آھن ڪالھ سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ سمورن اسيمبلي ميمبرن جي مان ۾ مانواري ڀيڻ ادي فريال ٽالپر پاران دعوت رکي وئي ھئي جنھن ۾ ڪشمير اسمبلي جا 27 ميمبر شريڪ ٿيا ھيا واضع ڪندو ھلان تـ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاء پڻ صرف 27 ميمبرن جي ضرورت گھربل آھي اتي ن ليگ کانسواء پ پ پ اڪيلي سان پنھنجو وزيراعظم چونڊرائڻ لاء ميمبر پورا ڪري چڪي آھي پر ان باجود ن ليگ پ پ پ جي اميدوار کي سپورٽ ڪري سگھي ٿي وڏن ۾ ڳالھيون ان بابت ٿيون ھونديون ن ليگ وارن فلحال ڪشمير ۾ اپوزيشن جي بينچن تي ويھڻ جو اعلان ڪيو آھي پر انھن اھو ناھي چيو تـ اسان پ پ پ کي سپورٽ نـ ڪنداسين ھوڏانھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري پڻ ان سلسلي ۾ سرگرم آھي جيڪو ڪشمير ۾ سپورٽ جي لاء جي يوآء پاڪسٿان جي سربراھ مولانا فضل الرحمان سان ملڻ لاء انجي گھر پڻ ويو ۽ ان سان ملاقات ڪري چڪو آھي پ پ پ پاران ھن وقت ڪشمير جي موجودا وزيراعظم کي اھو چيو ويو آھي تـ يا تـ ھو 28 آڪٽوبر تائين پاڻ استعيفا ڏئي وزيراعظم ھائوس خالي ڪري ھليو وڃي ٻئي صورت ۾ ان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي ويندي ان سلسلي ۾ تمام سياسي تجزيا نگار اھو چون پيا تـ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم استعيفا ڏئي ويندو ۽ پ پ پ کي ھاڻي آزاد ڪشمير جي وزارت عظما جي سيٽ حاصل ڪرڻ کان ڪير بـ روڪي نٿو سگھي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ڪرسي تي بـ جيالو وينھندو ۽ اتي بـ ڀٽو جا نعرا گونجندا رھندا

پهنجو تبصرو موڪليو