ڪشمير چونڊ، نون ليگ 13 ۽ پ پ 5 تڪن تي ڪامياب

ڪشمير چونڊ، نون ليگ 13 ۽ پ پ 5 تڪن تي ڪامياب

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ هينئر تائين جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) 13 سيٽن تي ڪاميابي سان ميدان ماري ورتو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي حصي ۾ هينئر تائين 5 سيٽون آيون آهن. آچر ڏينهن آزاد ڄمو ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مظفر آباد ڊويزن جي 8 تڪن ۽ مهاجرن جي 12 سيٽن تي ووٽنگ ٿي هئي. مظفر آباد ڊويزن جي 8 تڪن تي پولنگ شام 6 وڳي تائين جاري رهي، جڏهن ته تڪ ايل اي 27 ۾ موسم جي خرابي ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب عملو ۽ پولنگ جو سامان نه پهچي سگهيو، جنهن ڪري سمورن 196 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون. پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي ۽ غير حتمي توڙي غير سرڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا هئا.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا:
20 تڪن مان 18 جا مڪمل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب مسلم ليگ (ن) 13 تڪن تي جڏهن ته پيپلز پارٽي 5 تڪن تان ڪامياب ٿي وئي آهي.

• ايل اي 25 نيلم ويلي 1: سمورن 143 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو شاهه غلام قادر 18925 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ميان عبدالوحيد 13596 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 29 مظفرآباد 3: پيپلز پارٽي جو سردار مختار خان 19 هزار 792 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو بئريسٽر افتخار علي گيلاني 16 هزار 413 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 26 نيلم ويلي 2: سمورن 135 پولنگ اسٽيشنن جو غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو سامهون اچي ويو، جنهن موجب پيپلز پارٽي جو ميان عبدالوحيد 17466 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو شاهه غلام قادر 15494 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 30 مظفرآباد 4: سمورن 129 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو مصطفيٰ بشير عباسي 17749 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو مبشر منير اعوان 11947 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 32 مظفرآباد 6: سمورن 163 پولنگ اسٽيشنن جو غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو سامهون اچي ويو، جنهن موجب مسلم ليگ (ن) جو راجا محمد فاروق حيدر 21156 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو صاحبزاده محمد اشفاق ظفر 19010 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 33 مظفرآباد 7: سمورن 155 پولنگ اسٽيشنن جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو سامهون اچي ويو، جنهن موجب پيپلز پارٽي جو ديوان علي خان قمر چغتائي 25469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ميان محمد رشيد 21175 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 34 ڄمو 1: سمورن 131 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو ناصر حسين ڊار 5682 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار راجا رياض احمد 2124 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 35 ڄمو 2: سمورن 142 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي تحت ن ليگ جو چوڌري محمد اسماعيل 23893 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آزاد اميدوار سردار محمد غياث 5868 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 36 ڄمو 3: سمورن 140 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو محمد احسن رضا 27218 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو احسن اسماعيل 12980 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 37 ڄمو 4: سمورن 185 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي تحت مسلم ليگ (ن) جي مريم جاويد 28664 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته ڄمو ڪشمير يونائيٽيڊ موومينٽ جو عثمان عليم 22827 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 38 ڄمو 5: سمورن 115 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي تحت مسلم ليگ (ن) جو ذيشان علي 13 هزار 652 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مسلم ليگ آزاد ڄمو ڪشمير جو محمد اڪبر چوڌري 9 هزار 523 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 39 ڄمو 6: سمورن 157 پولنگ اسٽيشنن جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو سامهون اچي ويو، جنهن موجب مسلم ليگ (ن) جو راجا محمد صديق 10981 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو چوڌري فخر زمان 5081 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 40 ڪشمير ويلي 1: سمورن 47 پولنگ اسٽيشنن جو غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو سامهون اچي ويو، جنهن موجب پيپلز پارٽي جو عامر عبدالغفار 2914 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو محمد سليم بٽ 136 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 41 ڪشمير ويلي 2: سمورن 19 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو محمد عامر شاهه 1804 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آزاد اميدوار صبا ديوان 588 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
• ايل اي 42 ڪشمير ويلي 3: سمورن 43 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو سيد شوڪت علي شاهه 1524 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو محمد عاصم شريف 477 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 43 ڪشمير ويلي 4: سمورن 10 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو محمد ياسين لون 1276 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو جاويد بٽ 563 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 44 ڪشمير ويلي 5: سمورن 27 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو محمد احمد رضا قادري 1700 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آل ڄمو ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي مھرالنساءُ 650 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهي.
• ايل اي 45 ڪشمير ويلي 6: سمورن 41 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو عبدالماجد خان 3448 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آل ڄمو ڪشمير مسلم ڪانفرنس جو خواجه محمد دلاور 823 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو