ڪشمير چونڊ نتيجا تاريخ ۾ ‘فارم 47 پلس’ طور ياد رهندا

ڪشمير چونڊ نتيجا تاريخ ۾ ‘فارم 47 پلس’ طور ياد رهندا

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمن نواز شريف ۽ مريم نواز جي بيانن تي ردِعمل ڏيندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن جا نتيجا تاريخ ۾ ‘فارم 47 پلس’ طور ياد رکيا ويندا۔ ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي ڌاندليءَ ذريعي خيراتي مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي، عوام 2024ع وانگر 2026ع ۾ به ن ليگ کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔ سندس چوڻ هو ته جعلي مينڊيٽ سان غيرقانوني حڪومت ته ٺهي سگهي ٿي، پر عوامي مقبوليت حاصل نٿي ڪري سگهجي۔ ميمن وڌيڪ چيو ته مريم نواز پاران گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير چونڊن جو موازنو ڪرڻ درست ناهي۔ جمهوريت جي نالي تي ڌاندلي يا عوامي مينڊيٽ تي اثرانداز ٿيڻ کي برداست نٿو ڪري سگهجي ۽ انتخابي تحفظات کي شفاف طريقي سان حل ڪيو وڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو