ڪشمير بني گا پاڪستان

ڪشمير بني گا پاڪستان

تحرير محمد فاروق ٻرڙو

پنج فيبروريءَ تي ڪشميري مظلومن سان يڪجهتي جو ڏھاڙو قومي جذبي سان ملهايو ويندو آهي ۽ ملھايو پيو وڃي، ان موقعي تي نه رڳو پوري پاڪستان بلڪه سڄي دنيا ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ ڪڍيون وڃن پيون، ريلين ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ويو، احتجاج ۾ تعليمي ادارن جي استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي نمائندن سان گڏ مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، سڄي دنيا سمجهي ۽ ڏسي رھي آھي ته  مظلوم ڪشميري وڏي عرصي کان سمورن انساني حقن کان محروم ڪيا ويا آهن، خوبصورت ۽ حسين واديءَ کي ھڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي   1996ع کان پاڪستان پنجين فيبروريءَ کي باقاعده ڪشمير ڏھاڙي سان ملائيندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ پنجين فيبروريءَ جو ڏينهن ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي ۽ ھن سال بہ ھر سال جيان ملھايو ويو، يوم يڪجهتي ڏھاڙي کي شڪارپور جي مختلف تنظيمن انجمن طلباءِ اسلام، پاڪستان سني تحريڪ، مرڪزي جماعت اھلسنت، پاڪستان قادري تحريڪ، جميعت علماءِ پاڪستان، پ پ ۽ ٻين ڪيترن ئي تنظيمن سميت سڄي ملڪ ۾ ڀارتي جارحيت خلاف احتجاج مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو حل نہ ٿيڻ جو ڪارڻ ڀارت جي ھوڏ ۽ اڳرائي آهي، ڀارت ڪنٽرول لائين تي مسلسل سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جيڪا عالمي قانون جي به خلاف ورزي چئبي آزادي ۽ خود مختياري ھر قوم ۽ رياست جي خواهش ھوندي آھي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته اھو انھن جو فطري حق ھوندو آھي، جنهن کي دنيا جي نقشي تي موجود ملڪن جي اداري گڏيل قومن پاران به سدائين اھميت ڏني وئي آهي، پر بدقسمتيءَ جاگرافيائي سياسي ۽ معاشي روش سبب ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪي اھڙا به سگھارا ملڪ آهن، جيڪي سدائين ھيڻين قومن ۽ رياستن تي پنهنجي ڊاڍ جو راڄ رکندا اچن ٿا، ساڳي ريت ڪشمير به دنيا جو ھڪ اھڙو خوبصورت پر بدنصيب علائقو آهي، جنهن تي پاڙيسري ملڪ ڀارت پنھنجو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو آهي، ھن وادي ۾ اٽڪل اڌ ڪروڙ انساني آبادي آهي، جنهن ۾ ھن وقت اڪثريت مسلمانن جي آهي، انھيءَ خوبصورت وادي ڪشمير ۾ رهندڙ مسلمان شروع کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار رھندا آيا آهن، گڏيل ھندستان تي انگريزن جي قبضي کان اڳ، انگريز راڄ دوران توڙي ان کان پوءِ بہ انھيءَ وادي ۾ مسلمانن سان ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ھلندڙ ۽ جاري آهي، ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم خلاف ان وقت بہ ڀارت ۾ رهندڙ مسلمان آواز اٿاريندا رهيا، جن ھندستان جي ورھاڱي يعني پاڪستان سدائين ڪشميري عوام جي تڪليفن کي پنھنجو ڏک سمجھيو آهي، 1947ع  ۾ ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان پاران ڪشمير جي حمايت ۾ ساڻن گڏ بيھڻ تي ڀارت ڪشميرين سان ظلم ويتر وڌايو ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن بدتر ٿينديون ويون. ٻه سال اڳ تقريبن آگسٽ دوران مودي سرڪار آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪندي والاريل ڪشمير جي نيم خود مختياري واري حيثيت به ختم ڪري ڇڏي، وادي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي سوين ڪشميرن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙيو ويو، ھزارين ماڻھن جا روزگار ۽ پيٽ گذر جا وسيلا محدود ڪندي شھرن ۾ غير انساني لاڪ ڊائون ڪيو ويو، ٽي وي نشريات، انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪندي، کاڌي پيتي ۽ دوائن سميت زندگي جي ضروريات کان محروم رکيو ويو، جنهن سان عام زندگي مفلوج بڻجي وئي، اھڙي ريت ڀارتي فوج والاريل وادي ۾ ظلم جي انتها ڪندي ھر انساني، اخلاقي ۽ آئيني حدون لتاڙي ڇڏيون، اھڙي ڪرفيو دوران ڀارت نه رڳو پاڪستان سان ڪيل معاهدن تي عمل ڪرڻ کان منھن موڙيو پر گڏيل قومن جي قراردادن جي بہ سڌي ريت ڀڃڪڙي ڪندو آيو،1948 ع  دوران سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اھو طئي ڪيو ويو ھو ته ڀارت ڪشميري عوام جي عام راءِ ڄاڻي ان کي اھميت ڏيڻ سان گڏ ڪشمير مان ڀارتي فوج جي مداخلت ختم ڪندو، پر ڀارتي حڪومت ان وقت به گڏيل قومن جي فيصلي کان انڪاري ٿي،1972ع ۾ ٿيل (شملا معاهدي) کي ڪشمير جي مسئلي جي اھم اڳڀرائي ليکيو ويندو هو، پر ڀارت ان جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو آيو جنهن بعد پاڪستان ڪشمير مسئلي بابت ڳالھين لاءِ تقريبن 62 سالن کان ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر ڀارت ڪڏهن اھا آڇ سڌي ريت ٺڪرائي ڇڏيندو آهي تہ ڪڏهن ڳالھين جي ميز تي اچي معاهدن يا عملدار آمد کان اڳ ئي منھن موڙي ويندو آهي، ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي جبر ۽ ڏاڍ جي پاڪستان ھر وقت ۽ ھر فورم تي مذمت ڪندي آواز اٿاريندو رهيو آهي، اھو ئي سبب آهي جو 1996ع کان پاڪستان پنجين فيبروريءَ کي باقاعده (ڪشمير ڏھاڙي) جو نالو ڏئي انھيءَ ڏينھن تي ڪشميري عوام سان ايڪي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو 20 ڪروڙ ڀارتي ظلم خلاف ڪشميري عوام جي جدوجھد جي ڀرپور ۽ غير مشروط حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي، انسانيت جي اھڙي لتاڙ خلاف نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي،اسان جي خيال ۾ ڀارت جو ضد خود ڀارت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ظلم سان سچ کي ريٽي نہ ٿو سگهجي، تنھن ڪري ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي ميز استعمال ڪرڻ گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو