ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪسٽمز حکام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچيءَ تي ڪارروائي ڪندي دبئيءَ کان ايندڙ مسافر جي سامان مان لکين روپين ماليت جا غيرقانوني ڪئميرا ۽ الئڪٽرانڪس سامان هٿ ڪري ورتو آهي.ڪسٽمز ذريعن موجب فلائيٽ ذريعي پهتل مسافر جي سامان جي چڪاس دوران 19 ڊيجيٽل ڪئميرائن سميت ڪل 29 ڪئميرا، 5 ڪئميرا لينس ۽ 10 فٽنيس بينڊز برآمد ٿيا. برآمد ٿيل سامان جي مجموعي ماليت تقريبن 55 لک روپيا ٻڌائي پئي وڃي. ڪسٽمز حکام مسافر کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ تفشيش شروع ڪري ڏني آهي.










