ڪسٽم جو ڇاپو،ڪروڙن جو اسمگل ٿيل سامان ضبط

جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ) ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس هڪ مخبر جي اطلاءَ تي ڪاروائي ڪندي چيڪنگ دوئران 3 ٽرالر پڪڙي تلاشي ورتي ته ڪروڙين رپين جي ماليت جو غير ملڪي اسمگل ٿيل سامان ظاهر ٿيو، جيڪو ڪسٽم وارن ضبط ڪري ورتو. ايس ايس پي جي ٽيم ايس ايڇ او صدر غلام اصغر تنيو سميت پوليس جي وڏن اٽالن سان گڏ ڪسٽم چوڪي ڪراس ڪري نور واهه واري روڊ تي پنجاب ويندڙ ٽن ٽرالرن کي روڪي ورتو. جن جا رجسٽريشن نمبر ٽي يو 7706،ٽي ايل جي 878 ۽ ٽي ايل اي نمبر 262 آهن. ٽنهي ٽرالرن مان ڪپڙو، ٿرماس، پرفيوم، اي سي تار، ڊش اينٽينا، پان پراڳ، چانهه واري پتي، سڪو فروٽ، سڪو کير، موٽر سائيڪلن جو سامان، قالين، پردن وارو ڪپڙو سميت ڪروڙين رپين جو سامان نڪتو

.اطلاع ملندي ئي ڊي سي ڪسٽم سکر ريجن عمران رسول پهچي ويو. ڪسٽم چوڪي کان ٽرالر ڪراس ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هن چيو ته  چوڪي تان ڀڄي ويل ڪسٽم وارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي، واضع رهي ته هٿ آيل ڪروڙين رپين جي ماليت واري سامان جو مشير نامون ٺاهي ايس ايڇ او صدر غلام اصغر تنيو ۽ ڪسٽم عملدارن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو