لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم گيري سوبرز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ بابر اعظم چيو آهي ته ڪرڪيٽ پنهنجي عظيم ترين رانديگرن مان هڪ کي وڃائي ڇڏيو آهي، گيري سوبرز صرف ڪرڪيٽ نه کيڏي پر هن اهو ڪري ڏيکاريو ته هن راند ۾ ڇا ڇا ٿيڻ ممڪن آهي.بابر اعظم سوشل ميڊيا ذريعي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته گيري سوبرز جي مهارت مان ڪيترن ئي نسلن سکيو آهي ۽ ايندڙ نسل به سکندا رهندا. هن اهو پڻ چيو ته مان سندس گهرڀاتين ۽ ويسٽ انڊيز جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز جو ليجنڊري آل رائونڊر سر گارفيلڊ سوبرز عرف گيري سوبرز 89 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.










