ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس هڪ لک مقرر

ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس هڪ لک مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي محسن نقوي جي صدارت هيٺ پي سي بي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين مالي سال 2026-27ع جي سرپلس بجيٽ جي گڏيل طور تي منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ پي ايس ايل جي 12 هين ايڊيشن جي بجيٽ ۽ پي ايس ايل کي انتظامي توڙي مالي طور تي خود مختار بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بجيٽ ۾ 1 ارب رپين جي واڌ ڪري ان کي 3 ارب رپين مان وڌائي 4 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فارميٽ ۽ ادائيگي جي طريقيڪار جي به منظوري ڏني وئي، قائدِ اعظم ٽرافي جي رانديگرن جي ميچ فيس 30 هزار رپين مان وڌائي 1 لک رپيا ۽ ريزرو (اضافي) رانديگرن جي ميچ فيس 15 هزار رپين مان وڌائي 50 هزار رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وومينز ون ڊي ۽ ٽي-20 ٽورنامنٽس جي انعقاد ۽ ان حوالي سان فنڊز مختص ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي. ان کان علاوه اجلاس ۾ ريجنل گراؤنڊ اسٽاف جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 42 هزار رپيا ڪرڻ، وڌيڪ 12 گراؤنڊز کي آپريشنل ڪرڻ ۽ هيومن ريسورس (انساني وسيلن) لاءِ فنڊز جي منظوري به ڏني وئي. اجلاس ۾ نيشنل اسٽيڊيم ۽ ٻين انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن (سڌاري) لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي. هائي پرفارمنس سينٽر لاهور ۾ بائيوميڪينڪس مشين لڳائڻ لاءِ فنڊز مختص ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي ۽ بورڊ آف گورنرز جي گذريل گڏجاڻي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو