ڪرپٽ مافيه،ڪپتان جي ڊاڙ،اسٽيبلشمينٽ جا وار

تحرير زوار حسين شاهه

جيڪڏهن مان پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان ڪيان ته اهو به ڪڙو سچ آهي ته جيڪو به عوام جي قسمت تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪي آهي اها منهنجي نظر ۾ صرف ڊاڙ ٿي سگهي ٿي باقي عملي طور ڪو خاص  عوام جي لاء پيڪيج متعارف ڪرائڻ م پاڪستان جو ڪپتان وزيراعظم جناب عمران خان فيل ٿيو آهي ان جا ساٿي ۽ پاڻ ته ان ڳالهه تي نه بيهندا  نه ئي تسليم ڪندا باقي حقيقت اها آهي ته عوام هن وقت تائين ڀپوتارن جاگيردارن پيرن ميرن هٿان ڄڻ يرغمال ٿي ويو هجي ،  هن وقت به پاڪستاني عوام وڏي تڪليف مان گذري رهيو آهي ، ملڪ مٿان جيڪڏهن مان قرض جي ڳالهه ڪيان ته هن وقت تصور کان به مٿي قرض چڙهي چڪو آهي ، ان سان گڏ جيڪڏهن ماضي جي حڪومتن جي ڳالهه ڪيان ته اهو به ڪڙو سچ آهي ته انهن  هن وقت جي حڪومت کان گهٽ ورتو هو ، هن وقت  اربين ڊالرس جو قرض کنيو ويو آهي جيڪڏهن اهڙي ئي رفتار رهي ته مونکي اها پڪ آهي ته پنجن سالن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف  ڪپتان جي حڪومت به قرض کڻن جو رڪارڊ ضرور ٽوڙيندي ، جنهن کان پوء وري اليڪشن پوء جيڪو ڪامياب ٿئي پر جيڪڏهن وري ڪپتان ئي ڪامياب ٿئي ته پوء وري اهو جملو ٻڌڻ ۾ ضرور ايندو ته گهٻرانا نهين ، ، بس ان جملي تي کلي سگهون ٿا باقي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته هن ملڪ مٿان سدائين جيان اسٽيبلشمينٽ جي ئي حڪومت قائم رهي آهي ججڏهن اسٽبلشمينٽ ناراض ٿئي ڪيتري به مضبوط حڪومت هجي اهو گهر ڀيرو ٿيندو ، جيڪڏهن مان ڪرپٽ مافيه جي ڳالهه ڪيان ته انهن  هن ملڪ جي عوام سان گڏ ناهي ڪئي پر ڏک اهو ٿئي ٿو ته اسان وري به انهن جي تعريف ڪرڻ ۾ پورا آهيون هن ملڪ کي لٽي تباهه ڪيو ويو آهي ، پاڪستان جي عوام ۾ سياسي شعور هجي ها ته گهٽ م گهٽ پنهنجي ڀلائي لاء پاڪستان جي بقا لاء ووٽ ڪاسٽ ڪن ها ،  واقعي هاڻ مونکي به اهو پيو لڳي ته خلائي مخلوق کان کان اڃان ٻي طاقت آهي جيڪا هن ملڪ مٿان پنهنجي طاقت استعمال ڪري عوام جي ووٽ کي رد ڪري پنهنجي مرزي سان حڪومت قائم ڪري ٿي ، هن وقت به جمهوريت ئي قائم آهي ماضي ۾ به جمهوريت ئي اڪثر رهي آهي ڪڏهن نواز شريف صاحب جي صورت ۾ ته ڪڏهن آصف علي زرداري صاحب جي صورت م ، ته ڪڏهن بي نظير ڀٽو صاحبهجي صورت ۾  ، سوال اهو آهي ته پوء ملڪ اندر تبديلي ڇو نه آئي آهي ، جيڪڏهن مان ڪرپشن جي ڳالهه ڪيان ته پاڪستان م هڪ ڇڏي ٻئي ميمبر خواهه هو سينٽ جو هجي قومي اسيمبلي جو هجي يا صوبائي ميمبر هجي ، انهن مٿان ڪو نه ڪو الزام هوندو ، ٻو ڪو جيڪڏهن الزام مٿان نه لڳي ته ان جو ايگهامو ضرور اڳيان ايندو ، جنهن تي به اسان جا حڪمران  ڪنڌ نه جهڪائيندا ويتر ميڊيا تي اچي پيا واويله ڪندا ، حال ته اهو آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم جي يا ڪنهن صوبي جو وزيراعلي هجي يا وزير مشير هجي ان کي ايگهامو ضرور هوندو ، جڏهن ته ڪرپشن ، مني لانڊرنگ جعلي بينڪ اڪائونٽس ، يا ٻهرين ملڪن م  هتان دولت موڪلي اتي پراپرٽي سان گڏ ڪارخانه ٺاهي بزنيس ڪندا هوندا ، مزي جي ڳالهه ته جيڪڏهن خير سان انهن کي پيٽ ۾ سور پوي يا مٿي ۾ سور هجي ، يا انهنجي والاد جي تعليم جي ڳالهه هجي اهي ٻاهرين ملڪن ۾ پرهندا ، پوء جڏهن موروثي خاندان جي  وري ڪڏهن انٽري ٿي ته ڪو نه ڪو ته عوام جي خدمت ڪڙڻ لاء ضرور ايندو ، برحال هن وقت مان سمجهان ٿو ته تمام حڪومتن کانهڪ ڳالهه هن ڪپتان جي مونکي بهترين لڳي آهي اها اها ته ملڪ جو ڇو نه سابق صدر هجي يا ملڪ جو ڇو نه وزيراعظم هجي  يا حاصر سروس اسپيڪر وزير مشير هجن  نيب پڪڙي انهن کي جيل ۾ به وڌو ته هن وقت انهن خلاف احتساب عدالتن سميت ٻين ادارن ۾ به ڪيس هلي رهيا آهن جنهن ۾لڪ ۾ اهڙيون شخصيتون گرفتار ٿي سگهن ٿيون اتي مان هڪ امييد ته رکي سگهان ٿو ته  جيڪڏهن واقعي ڪپتان کي موقعو مليو ته هو عوام کي دلدل مان ڪڍي سگهي ٿو ان ۾ حڪومت ڪرڻ جو طريقو ٻين کان مختلف آهي جيڪو مان ڏسي رهيو آهيان ، ٻڌڻ ۾ اهو به اچي رهيو آهي ته جتي ٻيا جيل ويندا پڪڙ ٿيندي اتي ڪپتان جو انتهائي پر اعتماد شخصيت انتهائي قريبي ڪپتان  جو دوست جهانگير ترين جي به پڪڙ ٿي سگهي ٿي جنهن کان پوء مانس مجهان ٿو ته ڪپتان انتهائي ڪمزور نظر اچي رهيو آهي ، جڏهن ته نه صرف جهانگير ترين سميت ٻيا به ڪيترائي حڪومت جو حصو ته آهن پر انهن مٿان به ڪرپشن سميت ٻيا ڪيس آهن جن کي به مان عرض ڪيان ته نيب چيئرمين جي ٽيم پڪرِ احتساب عدالت ۾ ريفرنس به دائر آهن ۽ ڪجهه نوان به يٿ سگهن ٿا ، پر جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي زيادتي اڪثر غريب سان ٿيندي رهي آهي ڀوتار جاگيردار ، پير مير کي ته ڪير هٿ به نه ٿو وڃي سگهي حقيقت اها به آهي پوء ڪو تسليم ڪري يا نه ڪري ،  مان عرض ڪيان ته پاڪستان جي وزيراعظم ڪپتان جناب عمران خان دوٽوڪ واضع چئي ڇڏيو آهي ته ڪوئي به هجي جنهن ماٿن ڪرپشن جا يا ٻيا الزام عائد آهن هو  قانون آئين جي پاسداري ڪندي  احتساب عدالت سان رجوع ڪري ۽ نيب سيمت ٻيا جيڪي ادارن ڪرپشن جي خاتمي لاء ڪم ڪري رهيا آهن نهن سان مڪمل سهڪار ڪرڻو پوندو ، پر مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن جهانگير ترين ک ڪنهن به هٿ وڌو ته گهٽ ۾ گهٽ  صوبه پنجاب اندر ڪووڏو ڀوچال پيدا ٿي سگهي ٿو ان ڪري ڪپتان هڪ ڪامياب رانديگر آهي جهانگير ترين سان پاڻ ون ٽو وڻ ملاقات ڪندو ٻيو ڪو ڪپتان لاء حل ناهي جڏهن ته جهانگيرترين ، شاه محمود ققريشي سميت ٻين سان ڪافي اختلاف رهيا آهن ان  جو به سبب اهو آهي ته  جهانگير ترين ڪپتان جي انتهائي ويجهو رهيو آهي هر ڳالهه ۾ هو اڳڀرو پڻ رهيو آهي ، هن وقت وقت جي تقاضه اها آهي ته جيڪو به ڪپتان ماضي ۾ چيو ان تان ڦري وڃن ، يا بس هڪ ڳالهه ته آپ ني گهبرانا نهين ،هاڻ ائين ڪم نه هلندو ، اها پراڻي ڊاڙ کي خيرباد چوڻو پوندو پوء ڏسو ته  عوام جي خدمت ٿئي ٿي يا نه جيڪڏهن عوام سان گڏ جيڪڏهن مان سرڪاري ملازمن جن جي پگهار خاص ننڊن ملازمن يج 32 کان 50 هزار رويپا اهي گهر جو خرچ ڪيئن هلائيندا هوندا اها به ڪپتان کي خبر ناهي ، هن وقت ٿيڻ اهو گهرجي ته بجيٽ جيڪا هان پيش ڪئي ويندي ان م ملازمن جي پگهارن م گهٽ ۾ گهت 100 فيصد اضافو ٿيڻ گهرجي ، نه ته به 75 فيصد ته ضرور رکڻ گهرجي جڏهن ته عام ماڻهن لاء به ڪي خاص اعلان ٿيڻ گهرجن  هڪ طرف ڪپتان کي اپوزيشن مان خطروو جيڪو خاص پي ڊي ايم کي ته  پنهنيج هم خيال دوستن جي مدد ملي جنهن سبب هو پي ڊي ايم ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي ، پر پوء به خطرو اهي جيڪڏهن وري گڏ ٿيا يا جهانگيرترين ان ليگ يا پ پ جي سپورٽ ڪئي ته ڪپتان جي حڪومت هڪ ڏينهن به نه هلندي ، پنجاب ۾ صرف گهٽ ۾ گهٽ 42 کان مٿي صوبائي ميمبر هڪ خاص دعوت ۾ شريڪ ٿي ثابت ڪيو ته اسان جهانگير ترين سان گڏ آهيون ، ڪپتان سان نه جيڪڏهن اهڙي صورت حال ۾ ڪو پاڪستان اندر ڀوچال اچي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ٻئي طرف ڪرپٽ مافيه لٽ مار مافيه قبضا مافيه ان جا سهولت ڪار جيڪي وزير ئي آهن اهي طاقتور ڏسي رهيو آهيان ، نيب لاء به امتحان آهي   پاڪستان جيڪو هن وقت به معاشي  طور مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي ان کي هٿيڏيارڻ لاء ڪيترائي اهم فيصله ڪرڻا پوندا ، جنهن ۾ سڀ کان گهاڻو ته انهن سياستدانن جن مٿان ڪرپشن جا الزام عائد آهن  ، جن مني لاندرنگ ڪري دولت ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي جنهن کي واپس ڪرائڻ لاء حڪمت عملي جورڻي پوندي ، برحال مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن ڪو چونڊيل نمائيندو  ڪوڙ ڳالهائي ته ان جي رڪنيت به ختم ٿي سگهي ٿي اهڙي صورت حال ۾ مان عرض ڪيان ته هن وقت جي وزيراعظم جناب عمران خان ان جي دوپستن وزيرن بار بار عوام سان واعده ڪيا بار بار پورا نه ڪيا انهن کي انداهي ۾ رکيو ٿو وڃي . برحال ڪپتان کي هاڻ ڊاڙ نه هڻن گهرجي بس جيڪو ٿيو اهو ڏٺو آهي هاڻ ڇا ٿيندو عوام  مڪمل باخبر آهي ته عوام يج هاڻ به ابتي کل لهڻ واري آهي باقي ڪرپٽ مافيه قبضا مافيه شايد ادارن جي پڪڙ ۾ اچي سگهن ، برحال مان عرض ڪيان ته هن وقت ملڪي صورت حال انتهائي خراب نظر اچي رهي آهي هڪ طرف ڪرپشن مافيه حڪومت وقت کي گوڏا کورڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ته جيئن ڪرپٽ مافيه ۽ ڪپتان درميان ڪو معاهدو طئه ٿئي  پر ڪپتان بار بار اهڙين خبرن جي ترديد ڪندو رهيو آهي ، ٻئي طرف ڪنهن جي گرفت ٿي هجي يا نه … هڪ ڳالهه ته ٿي آهي ته ڪرونا وائرس جي خطرناڪ وبا ٻئي طرف ڪرپشن مافيه ، قبضا مافيه به ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ،  برحال اڪثر اهو ٻڌندا هياسين ته هن ملڪ کي هلائڻ ۾ استيبلشمينٽ جو هٿ آهي ، ڪوئي تسليم ڪندو هو ته ڪو نه پر سچ اهو آهيته جيڪو به ملڪ جو چيف ٿئي ٿو ان کي هلائڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ته ٽيڪنوڪريٽس بيورو ڪريٽس جو آهي  پر ڪرپشن مافيه ڪرپٽ مافيه جي طاقت جو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هو ڪيتري طاقت رکي ٿي ۽ ڪيئن جمهوريت جي ڊاڙ هڻندڙ عوام جي خدمت جا ڪلمه پڙهندڙن مٿان ڪيئن ٿا بار بار حمله ٿين ۽ وار ٿين ٿا جنهن بعد نيٺ اها حڪومت گهر ڀيرو ٿئي ٿي         

پهنجو تبصرو موڪليو