پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه بدعنواني، بدانتظامي ۽ نااهلي جي الزامن تي ٻيهر ڪيل انڪوائري ۾ قصوروار ثابت ٿيڻ بعد 9 عدالتي آفيسرن کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو، جڏهنته اهي آفيسر هن سال جي شروعات ۾ بحال ڪيا ويا هئا. تفصيل موجب برطرف ڪيل عدالتي آفيسرن ۾ 4 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ــ ملڪ امجد رحيم، منظور قادر، قيصر رحيم ۽ مس رفعت عامر شامل آهن، جڏهنته 4 سينيئر سول جج ــ صفير قيصر ملڪ، عادل اڪبر خان، راشد رؤف سواتي ۽ شاهه حسين، ۽ هڪ سول جج تصاور حسين شامل آهن. هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواه گورنمينٽ سرونٽس (افيشينسي اينڊ ڊسپلن) رولز 2011 تحت انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي هئي. انڪوائري هڪ پي ايڇ سي جج ڪئي، جنهن ۾ اهي قصوروار ثابت ٿيا ۽ انهن خلاف وڏي سزا جي سفارش ڪئي وئي. پريس رليز موجب، چيف جسٽس انڪوائري رپورٽ وصول ڪرڻ بعد آخري شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ۽ هر آفيسر کي ذاتي طور تي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو. سماعت کان پوءِ، چيف جسٽس انهن آفيسرن کي الزامن ۾ قصوروار قرار ڏئي نوڪري مان برطرفي جي وڏي سزا ٻڌائي.










