شڪارپور (ن س) شڪارپور ۾ ڪريانه جي واپاري کان ڦر، واپاري برادري پاران واقعي جي مذمت، نامعلوم ھٿياربند پريم چند ڪريانه واري کان روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي واپاري برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، واپاري اڳواڻ حاجي فائق ميمڻ. خبر موجب شڪارپور جي علائقي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ڀوڳڙي بازار ويجھو نامعلوم ھٿياربند پريم چند ڪريانہ اسٽور واري کان پنجاھ ھزار روپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ، واقعي بعد واپاري برادري جا اڳواڻ واقعي واري ھنڌ پھتا، ان موقعي تي ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر حاجي فائق احمد ميمڻ ، جيپال داس، اناج منڊي جي صدر حاجي سميع الله شيخ ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پريم چند کان ڦر ڪيل رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي واپاري برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










