پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه حڪومت ڪرم ضلعي ۾ فوج ۽ ايف سي کي طلب ڪري ورتو آهي.صوبائي گهرو کاتي موجب ڪرم ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال معمول تي اچڻ تائين فوج مقرر رهندي.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا تڪراري زمين تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته لينڊ ڪميشن تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني 2 ڀيرا ڪرم ضلعي جو دورو ڪيو، لينڊ ڪميشن هن هفتي ٽيون دورو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.صوبائي گهرو کاتي موجب غلط خبرون پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ، اورڪزئي ۽ هنگو مان 30 رڪني جرڳا پڻ ڪرم منتقل ڪيا ويا.گهرو کاتي ڪرم جي عوام کي اپيل ڪئي ته تڪرار جي حل لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن.










