ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ سان شادي ڪري ڇڏي

ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ سان شادي ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ ڊيلن ميئر سان 6 سالن تائين ڊيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ شادي ڪري ورتي، پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪرسٽن اسٽيورٽ ۽ ڊيلن ميئر جي پهرين ملاقات 2013 ۾ هڪ فلم جي سيٽ تي ٿي هئي، بعد ۾ 2019 ۾، ڪرسٽن انسٽاگرام تي گرل فرينڊ ڊيلن ميئر سان پنهنجي تعلق جي تصديق ڪئي، ۽ 2 سال بعد، 2021 ۾، ڪرسٽن ۽ ڊيلن باضابطه طور تي پنهنجي منگني جو اعلان ڪيو، منگني جي پوسٽ ۾، ڪرسٽن اسٽيورٽ انڪشاف ڪيو ته “مون ڊيلن کي پرپوز نه ڪيو هو، ڊيلن مون کي پرپوز ڪيو هو، جڏهن ته، جوڙي هاڻي ايسٽر تي لاس اينجلس ۾ پنهنجي گهر ۾ منعقد ٿيل هڪ رسمي تقريب ۾ شادي ڪئي، جنهن جون تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، ڪرسٽن ۽ ڊيلن جي شادي جي تقريب ۾ سندن ويجهن دوستن، آمريڪي اداڪارا ۽ ڳائڻي ايشلي بينسن، برينڊن ڊيوس ۽ سندن خاندانن شرڪت ڪئي،جوڙي تازو ئي عدالت کان شادي جو باضابطه لائسنس حاصل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو