ڪرتارپور راهداري تي مودي پاران عمران خان جو شڪريو

ڪرتارپور راهداري تي مودي پاران عمران خان جو شڪريو

گرداسپور(ويب ڊيسڪ) ڪرتارپور ڪوريڊور ڀارتي حصي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم عمران جو شڪريو ادا ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ نريندر مودي جو چوڻ هو ته ڪرتارپور راهداري جي تعمير سان گردواره دربار صاحب جي زيارت آسان ٿي وئي آهي ۽ ٿوري عرصي ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ڪندڙ هر ماڻهو جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. هن جو چوڻ هو ته مان پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان نيازي جو شڪريو ادا ٿو ڪيان جنهن ڪرتارپور راهداري لاءِ ڀارت جي جذبن کي سمجهي ان کي عزت ڏني. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بابا گرونانگ جي 550هين سالگرهه کان اڳ گڏيل چيڪ پوسٽ، راهداري جي تڪميل وڏي خوشي جي ڳالهه آهي. واضح رهي ته پنجاب جي ضلع نارووال ۾ سِک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي آخري آرام گاهه ڪرتارپور جي جڳهه سکن لاءِ انتهائي اهميت جي حامل آهي جتي سکن جي مذهبي پيشوا پنهنجي زندگي جا آخري 18 سال گذاريا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو