ڪراچي ۾ ڪانگو ڪريميئن هيمرجڪ فيور جي ڪيسن ۾ واڌ

ڪراچي ۾ ڪانگو ڪريميئن هيمرجڪ فيور جي ڪيسن ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ ڪانگو ڪريميئن هيمرجڪ فيور جي ڪيسن ۾ اوچتو اضافو ٿي ويو آهي.اختيارين موجب ڪراچي ۾ آگسٽ جي پهرين 2 هفتن ۾ ڪانگو ڪريمينين هيمرجڪ فيور جا 5 ڪيس سامهون آيا آهن.هلندڙ مهيني ڪانگو ڪريميئن هيمرجڪ فيور جا 4 ڪيس نجي اسپتال ۽ 1 جناح اسپتال ۾ رپورٽ ٿيا،اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڪانگو ڪريميئن هيمرجڪ فيور جا 14 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته شهر ۾ ڪانگو جي ڪيسن جو انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ مارچ ۾ 4، مئي ۾ 6، جون ۾ 2 ۽ آگسٽ ۾ 4 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ هلندڙ مهيني ڪانگو ڪريمينين هيمرجڪ فيور جو پهريون ڪيس سامهون آيو آهي.اسلام آباد جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب جولاءِ تائين ڪانگو جا 39 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته ڪانگو مان هينئر تائين 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو