ڪراچي(بيورو)ڪراچي جي ٻن بهادر ڇوڪرين کي ڪلفٽن ۾ پيٽرول پمپ تي ڪارن ۾ ريفيولنگ جي نوڪري ملي وئي.عورتون نه رڳو مردن سان گڏ ڪم ڪري رهيون آهن پر اهڙا به ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ هو مردن کان بهتر ڪم ڪري رهيون آهن.سپنا ۽ سمن گذريل ڏيڍ سال کان ٽنهي تلوارن تي پيٽرول پمپ تي ڪم ڪري رهيو آهن. ٻنهي ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته والدين جي سهڪار سان سندن زندگي تي اعتماد بحال ٿيو آهي. سمن ۽ سپنا جو چوڻ هو ته مرد عملو ساڻن تعاون ڪري ٿو، گراهڪ به حوصلا افزائي ڪن ٿا، هو والدين کي نصيحت ڪن ٿيون ته هو پنهنجي پٽن وانگر پنهنجي ڌيئرن تي به اعتماد ڪن ته پوءِ خاندان جا ڪيترائي اڻپورا خواب پورا ٿي سگهن ٿا.










