ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي ڊفينس فيز 2 وٽ شهرين کان لُٽ مار ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار ملزمن ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ملزمن پاران فائرنگ ڪرڻ بعد جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ذيشان نالي جوابدار پنهنجي ئي ساٿيءَ جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ مارجي ويل ملزم وٽان پستول ۽ لُٽيل سامان هٿ ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔










