ڪراچي ۾ تيز برسات، روڊ پاڻي هيٺ، بجلي بند،6 ڄڻا فوت

ڪراچي ۾ تيز برسات، روڊ پاڻي هيٺ، بجلي بند،6 ڄڻا فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سانوڻي جي طاقتور سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ تيز برسات سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اڱاري ڏينهن ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ زبردست برسات رڪارڊ ٿي آهي. محڪمه موسميات مطابق، شام 5 وڳي تائين سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۾ رڪارڊ ٿي، جيڪا 145 ملي ميٽر هئي۔ ان کان پوءِ ايئرپورٽ اولڊ ايريا ۾ 138 ملي ميٽر، ڪياماڙي ۾ 137 ملي ميٽر، جناح ٽرمينل تي 135 ملي ميٽر، يونيورسٽي روڊ تي 132 ملي ميٽر، سعي ٽائون ۾ 123 ملي ميٽر، ڊي ايڇ اي فیز VII ۾ 121 ملي ميٽر، پي اي ايف بيس فيصل تي 114 ملي ميٽر، سرجاني ٽائون ۾ 111.2 ملي ميٽر، نارتھ ڪراچي ۾ 108.4 ملي ميٽر، ڪورنگي ۾ 96.6 ملي ميٽر، ناظم آباد ۾ 92 ملي ميٽر، گلشن ميمار ۾ 75.2 ملي ميٽر، پي اي ايف مسرور بيس تي 75 ملي ميٽر، اورنگي ٽائون ۾ 66.2 ملي ميٽر ۽ بحريا ٽائون ۾ صرف 4.8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي۔ ٽريفڪ پوليس شهريَن کي هدايت ڪئي آهي ته حالتن کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءَ اختيار ڪن، جهڙوڪ اوچتو بريڪ لڳائڻ کان پاسو ڪرڻ، گهٽ رفتار رکڻ ۽ روڊ تي ٻين گاڏين سان محفوظ فاصلو برقرار رکڻ گهرجي. چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه ڪمشنر ۽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرز کي عملي سان گڏ فيلڊ ۾ رهڻ ۽ روڊن تان پاڻي ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. برسات سبب مختلف علائقن سرجاني ٽائون، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، قيوم آباد، گلستان جوهر، ملير، شاهراهه فيصل، ناظم آباد، نيو ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات شروع ٿي وئي. تيز برسات سبب شهر جي مُک روڊن سان گڏوگڏ اندروني گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، گلشن حديد ۾ هڪ ڪلاڪ کان تيز برسات سبب گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون جنهن سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ماڻهو پنهنجو قيمتي سامان محفوظ جڳهه تي ٺڪاڻي لڳائڻ لڳا. حسن اسڪوائر، نيپا چورنگي، ضياءَ ڪالوني، گلشن شميم، لياقت آباد 10 نمبر، جيل چورنگي، ڪارساز، ڪورنگي ۽ ايڪسپريس وي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي به سخت متاثر ٿي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب شهر جي ڪل 2100 فيڊرز مان 1340 فيڊرز تي بجلي هلي پئي ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ 760 فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي به بند ٿي وئي، برسات کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو ڊسٽري بيوشن نظام اڃان تائين غير مستحڪم آهي. اوٿل بلوچستان ۾ 17 فيڊرز ۽ پي ايم ٽي ٽرپ ٿي ويا. فيڊرز جي بحالي جو ڪم اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو، ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيڪنيڪل ٽيمن کي گرائونڊ ڪليئرنس نه ملڻ تي بحالي ۾ دير ٿي رهي آهي، مختلف علائقن ۾ انڊر گرائونڊ ڪيبل فالٽس ۽ سب اسٽيشن ۾ پاڻِي ڀرجڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ جي بيرڪ نمبر 84 جي ڇت برسات سبب ڪري پئي، پر ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو، بيرڪ 84 ۾ رورل ڊوالپمينٽ آفيس موجود آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سانوڻي برسات جي دوران لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن برساتن کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو ۽ انتظاميه کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڪراچي جي ميئر کي هدايت ڪئي ته برسات جي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ مشينري ۽ عملو متحرڪ رکيو وڃي. تيز برسات دوران عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري. ياد رهي ته موسميات کاتي شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران تيز طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو