ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بلوچستان ۽ سنڌ ۾ مغربي هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪالهه شام کان تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ صبح جي وقت گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي موجب شهر ۾ 34 کان 36 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون اتر اوڀر کان هلي رهيون آهن، هوائن جي رفتار ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ اڄ شام تائين تيز هوائن جي رفتار 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي.ٻئي طرف ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سوئي گيس پريشر نه هجڻ سبب ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان دوران گوادر، خاران، رحيم يار خان ۽ جهلم ۾ برسات پئي، ان کان علاوه غذر جي جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.اتر وزيرستان ۾ 2 ڏينهن کان جاري برسات ۽ برفباري جو سلسلو بند ٿي ويو، روڊن تان برف هٽي وئي، رزمڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان وچ ۾ رابطو بحال ٿي ويو.










