ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد ۽ تذليل: 9 گرفتار

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد ۽ تذليل: 9 گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل ڪئي وئي، 4 عورتن سميت 9 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، پوليس چڪرين کانپوءِ عورتن ۽ ٻين مظاهرين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ کڻي وئي پوليس اهلڪارن پاران عورت ملازم کي گهلڻ واري وڊيو هٿ جاري ٿي ويا، جڏهن ته عورت ملازمن کي تذليل جو به نشانو بڻائڻ جو الزام سامهون اچي رهيو آهي گرينڊ هيلٿ الائنس طرفان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي سنڌ سرڪار گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي جاري هيلٿ ملازمن جي احتجاج جو نيٺ نوٽيس ورتو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان گڏ ڪميٽي ۾ سيد ناصر شاهه، سعيد غني، صحت ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽريز به شامل، ڪميٽي کي گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو ڪراچي ۾ پوليس پاران تشدد ۽ تذليل بعد گرفتار ڪيل صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت سمورا مظاهرين آزاد ڪيا ويا آھن، ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل ڪئي وئي صحت کاتي جا ملازم ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، گرينڊ هيلٿ الائنس پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، ٺٽو، مديجي ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا، ميروخان، ڇاڇرو، ڏاهلي، مٺي، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاج جاري آھي

پهنجو تبصرو موڪليو