ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه کي ٽئين درجي جو قرار ڏنو ويو آهي ۽ سڄي شهر مان فائر برگيڊ طلب ڪيا ويا آهن.فائر برگيڊ عملدارن چيو ته باهه ڪيميائي ڪارخاني کي لڳي آهي ڇهه گاڏيون موقعي تي موجود آهن ۽ وڌيڪ فائر برگيڊ طلب ڪيون ويون آهن.ريسڪيو عملدارن چيو ته ماڻهو فيڪٽري اندر ماڻهون موجود آهن جن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر باهه جي شدت سبب اندر نه پهچي سگهياآهيون سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته جيئن ئي موقعو مليو ماڻهن کي اتان ڪڍيو ويندو. هڪ عورت سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي فيڪٽري مان ڪڍيو ويو آهي.رينجرز پهچي باهه کان متاثر ٿيل فيڪٽري کي گهيرو ڪري ورتو آهي ۽ رينجرز فائر برگيڊ جي عملدارن سان گڏ باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي










