اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار جي عورت نمائندن چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريديءَ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيف جسٽس پاڪستان ٻڌايو ته سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ وومين فيسيليٽيشن سينٽرس (عورتن جي سهولت وارا مرڪز) قائم ڪيا ويندا، جن جو مقصد عورت سائلن کي آسان ۽ سازگار عدالتي ماحول فراهم ڪرڻ آهي.چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريديءَ موجب وومين فيسيليٽيشن سينٽرس ۾ ٽئين ڌر واري ثالثي ۽ متبادل حلِ تنازعات جون سهولتون به دستياب هونديون، جڏهن ته عورتن کي نفسياتي مدد ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطي جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.هن ٻڌايو ته وومين فيسيليٽيشن سينٽرس لاءِ بهترين ٽي ڊيزائن چونڊيا ويا آهن، جڏهن ته چونڊيل ڊيزائن سڀني هاءِ ڪورٽن کي طورِ ماڊل ڊيزائن ڏنا ويندا.عورت وڪيلن عورت سائلن جي سهولت کي ترجيح ڏيڻ تي چيف جسٽس پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو.ملاقات دوران عورت وڪيلن جي نمائندن انصاف تائين پهچ ۽ قانوني پيشي سان لاڳاپيل مختلف مسئلا به اٿاريا.چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريديءَ عورت وڪيلن کي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائيندي چيو ته لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن ۽ ٻين ادارن سان مشاورت کانپوءِ انهن مسئلن تي اڳڀرائي ڪئي ويندي.










