ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪافي حد تائين ضابطو آيو آهي، پوليس هڪ ٽيم طور ڪم ڪري رهي آهي هن چيو ته افغانستان جي صورتحال جا سڄي دنيا تي اثر پيا آهن، ان وانگر ڪراچي تي به اثر پيا آهن، مقامي ۽ غيرمقامي پوليسنگ وارو سوال سياسي آهي، ان جو جواب نه ڏيندس هن چيو ته جاچ ۾ خاميون هجن ٿيون، ان ڪري ئي پراسيڪيوشن تي اثر ٿئي ٿو، اسان جاچ آفيسرن جي ٽريننگ ڪرايون پيا، انهن کي جاچ تي ايندڙ خرچ سميت ٻيون سهولتون ڏيون پيا، جاچ آفيسرن تي ڪيسن جو بار نٿا وجھون ته جيئن ڪيسن جي جاچ درست طريقي سان ٿي سگھي. اِي ايف آءِ آر سان رڪارڊ محفوظ ٿي ويندو هن چيو ته ڪميونٽيز جي تعاون سان سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم تيزي سان آهي، هزارين ڪيمرائون لڳايون آهن هن چيو ته اهو نٿو چئي سگھجي ته ڪو سيف سٽي منصوبي بعد ڪرائيم ختم ٿي ويندو، لاهور سيف سٽي آهي پر اتي به ڪرائيم ٿئي ٿو. هن چيو ته اي ٽيگنگ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، بار بار ڏوهه ڪندڙن کي اي ٽيگ لڳايو ويندو، جنهن سان انهن تي نظر رکي ويندي هن چيو ته ڪووڊ جي ڪري ڀرتيون نه ٿي سگھيون هيون، هاڻي ڀرتين جو عمل جاري آهي، جنهن سان نفري جي کوٽ ختم ٿي ويندي










