ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ريلويز پوليس آپريشن ڪري ريلوي جو چوري ٿيل سامان برآمد ڪري ورتو آهي. ريلويز پوليس موجب آپريشن ڪراچي ۾ ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جون چوري ٿيل ريلوي پٽڙيون ۽ تقريبن 32 ٽن ريلوي مٽيريل برآمد ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اورنگي ٽائون ۾ ڪيل آپريشن ۾ ريلوي پٽڙيون چوري ڪندڙ 4 جوابدارن کي پٽڙيون ڪٽڻ جي اوزارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ جي پاڪستان ريلويز پوليس چيو ته ريلوي مٽيريل چوري ڪرڻ ۽ قومي اثاثن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.










