ڪراچي يونيورسٽي ۾ 72 گهرن تي ريٽائرڊ ملازمن جو قبضو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ 72 گهرن تي ريٽائرڊ ملازمن جو قبضو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي (جامعه ڪراچي) ۾ سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ ۽ واگذاري (خالي ڪرائڻ) جي نظام ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي.تفسيل موجب گهٽ ۾ گهٽ 72 مڪان ريٽائرڊ ملازمن، لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن، جڏهن ته فارن فيڪلٽي گيسٽ هائوس ۾ 2 ملازم ڪيترن ئي سالن کان رهائش پذير آهن، هڪ مڪان بيوروڪريٽ جي استعمال هيٺ آهي ۽ 3 مڪانن تي سڪيورٽي آفيسرن قبضو ڪري رکيو آهي.يونيورسٽي جي قاعدن موجب ملازم کي ريٽائرمنٽ کانپوءِ صرف هڪ سال تائين سرڪاري مڪان ۾ رهڻ جي اجازت هوندي آهي، پر دستياب سرڪاري فهرست مان ظاهر ٿئي ٿو ته درجنن کان وڌيڪ ماڻهو قانوني مدت ختم ٿيڻ جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ به مڪان خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪجهه ڪيسن ۾ غيرقانوني رهائش جي مدت 18 سالن کان وڌي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيترائي اڳوڻا پروفيسر ۽ آفيسر 9 کان 10 سالن کان غيرقانوني طور سرڪاري رهائش استعمال ڪري رهيا آهن.دستاويزن موجب ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽيٽ آفيس لاڳاپيل قبضاخورن کي مڪان خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آهن، پر اڪثر نوٽيس بي اثر ثابت ٿيا آهن. ٻئي طرف، حاضر سروس استاد، آفيسر ۽ ملازم رهائشگاهن جا منتظر آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته رهائشي ڪالوني جي ڪيترن ئي مڪانن ۾ بجلي ۽ گئس جا انفرادي ميٽر لڳل ناهن، جنهن ڪري استعمال ٿيندڙ بجلي ۽ گئس جو بوجھ سڌي ريت يونيورسٽي تي پئجي رهيو آهي. ڪجهه گهرن ۾ ڪيترائي ايئر ڪنڊيشنرز هلڻ جا اطلاع به آهن، پر يونيورسٽي انتظاميا اڃا تائين نه مڪمل انرجي آڊٽ ڪرايو آهي ۽ نه ئي غيرقانوني استعمال جا پئسا لاڳاپيل ماڻهن کان وصول ڪيا آهن.فهرست موجب اشفاق وارثي مڪان نمبر SD-46 ۾ 2007ع کان مقيم آهي ۽ سندس اجازت واري مدت 2008ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي، ان حساب سان هو تقريبن 18 سالن کان قانوني مدت ختم ٿيڻ باوجود مڪان استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو فهرست ۾ سڀ کان طويل غيرقانوني قيام آهي. فهرست ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جن جي هڪ سال واري مدت اڃا ختم ناهي ٿي يا تازو ئي ختم ٿي آهي، ان کان علاوه دستاويزن ۾ ڪجهه ڪيسن جي نوعيت مختلف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو