ڪراچي واسڻ جو صالح پٽ واسي سان پيار جو پرڻو

صالح پٽ (نياز مهر )ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات ڪرن خان ڌيءَ خان محمد ٻرڙو گهران نڪري سکر جي تعلقي صالح پٽ جي ڳوٺ گهرام خان چاڪراڻي جي نوجوان اياز علي ولد غلام اڪبر چاڪراڻي سان پنهنجي وڪيل جي معرفت خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ناريءَ جي مائٽن طرفان ٻنهي کي ڪارو قرار ڏيئي کين مارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مائٽن جي اهڙي فيصلي سبب جان بچائڻ لاءِ دربدري جو شڪار ٿي صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪندي ڄاڻايو آهي ته هنن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي مگر مائٽ ڪامران ٻرڙو، قابل مڱريو، غلام قادر ٻرڙو، ظفر علي ٻرڙو، عمران علي ٻرڙو کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو